حسن علي عبدالرحمان

حسن علي عبدالرحمان: سنڌ جي برک تعليمدان ۽ مڃيل قانوندان، حسن علي عبدالرحمان، 1909ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو هي هن جو ميمڻ خاندان سان واسطو هو، جيڪي پاڻ کي زبيدي به سڏائين ٿا. حسن علي عبدالرحمان شروعاتي تعليم سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۽ سينٽ پئٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، بعد ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري، مڊل ٽيمپل ڪاليج انگلنڊ مان 1934ع ۾ حاصل ڪيائين. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ طفيل علي عبدالرحمان سان گڏ، سنڌ مسلم گورنمينٽ لا ڪاليج ڪراچيءَ جو بنياد وڌو. ان ڪاليج جو پهريون پرنسپال به پاڻ رهيو. ان کان سواءِ حسن علي عبدالرحمان سماجي ڪارڪن ۽ ڪميونٽي اڳواڻ طور به شهرت رکي ٿو. حسن علي عبدالرحمان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي باني ميمبرن مان به هڪ هو.
حسن علي عبدالرحمان ٻه ڀيرا سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر به رهيو. سندس دؤر ۾، سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو اهم واقعو 4 مارچ واقع ٿيو. هڪ ته حيدرآباد جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٽڪا خان، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اڳتي هلي ڪمشنر مسرور حسن، سنڌ جي هن محب وطن وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي هٽائڻ لاءِ سازشون شروع ڪيون ته سنڌي شاگردن ڪمشنر مسرور حسن خلاف جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ نه رڳو 4 مارچ جهڙو واقعو وقوع پذير ٿيو، پر اُنهيءَ شاگرد تحريڪ، اڳتي هلي ونيونٽ خلاف قومي تحريڪ کي پڻ نئون رُخ ڏنو.
حسن علي عبدالرحمان پاڪستان جي خارجي معاملن واري اداري جو خزانچي، پاڪستان ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ مدرسي ۽ ايس. ايم. لا ڪاليج بورڊ جو صدر پڻ رهيو. 1952ع ۾ يونيسڪو ڏانهن ويندڙ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪيائين ۽ 1953ع ۾ دولت مشترڪه يونيورسٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. هن جو ننڍو ڀاءُ طفيل علي عبدالرحمان به جرميات (Criminology) جو وڏو وڪيل هو. ان کان سواءِ پاڪستان جو اٽارني جنرل، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جو چيف جسٽس به رهيو. هن 1986ع ڌاري وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي حسن اسڪوائر قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس پهرين شادي حيدرآباد جي ضياء الدين شيخ خاندان مان ٿيل هئي ۽ ٻي شادي ڪراچيءَ مان ڪيائين. سندس اولاد مان ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌي ذريعه تعليم جي حوالي سان آمريڪا ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. سندس ٻي ڌيءَ حميرا رحمان ايڪٽوزم ۾ مشهوري ماڻي، جڏهن ته سندس ٽين ڌيءَ شيري رحمان ٻئي گهر مان آهي. هيءَ سياستدان طور مشهور آهي ۽ نومبر 2011ع کان کيس آمريڪا ۾سفير مقرر ڪيو ويو آهي.


لفظ حسن علي عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو